SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Laundering Money

(click word to listen sound
  • 🔊
  • lɔːndəriŋ
  • mʌniː
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Laundering Money

مَني لانڊرنگ

ڪاري ناڻي کي اَڇو بڻائڻ

هن عمل ذريعي نشي جي ڪاروبار، دهشتگرديءَ ۽ ٻين غيرقانوني ذريعن مان هٿ ڪيل ڪاري ڌَنَ/ آمدنيءَ جا اصل پار پَتا لڪائي ان کي اڇو ڪري جائز شڪل ڏني وڃي ٿي. جيتوڻيڪ دنيا ۾ ڪاري ناڻي بابت درست انگ اکر موجود ناهن، پراها ايڏي وڏي انگ ۾ ضرور ٿئي ٿي، جو ڪيترن ملڪن جون حڪومتون ان سلسلي ۾ تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏين ٿيون. انهيءَ ڪري حڪومتون توڙي بين الاقوامي ادارا ان ڏس ۾ تمام گهڻا اُپاءَ وٺن ٿا. ان حوالي سان ’ڪارو ناڻو لڪائڻ جي عمل خلاف مالي ضابطن واري خصوصي مهم- ڪارحلقو‘ [Financial Action Task Force against Money Laundering (FATF)] جهڙا ادارا قائم ڪيا ويا آهن، جيڪي عالمي سطح تي وڏي پڪڙ پڇاڙ ڪن ٿا. ان جي باوجود ’آءِ ايم ايف‘ جي اندازي موجب دنيا جي سموري معيشيت ۾ گردش ڪندڙ پنج سيڪڙو ناڻو ناجائز آهي. ڪاري ناڻي کي اڇو بڻائڻ جو عمل ٽن طريقن سان ٿيندو آهي. (1) ناڻي کي روڪڙ جي صورت ۾ معاشي سرشتي جو حصو بڻايو ويندو آهي. (2) ڳجهين ۽ پيچيده طريقن سان دوکو ڏيئي غيرقانوني آمدنيءَ جي وسيلن کي لڪايو ويندو آهي. ۽ (3) غيرقانوني آمدنيءَ مان وڌيڪ نفعا ۽ ملڪيت حاصل ڪئي ويندي آهي. هي عمل روايتي بئنڪ جي طريقي سان، رقم کي شڪ کان بچائڻ لاءِ ننڍي روڪڙ/ کاتن ۾ ورهائڻ ۽ جمع ڪرائڻ (Smurfing) ذريعي، ناڻي جي هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ سمگلنگ ذريعي، روڪ رقم جي ذريعي وکر خريد ڪري جائز طريقي سان انهن کي منڊيءَ ۾ وڪڻڻ سان، خيراتي ادارا جوڙي انهن جي روڪڙي آمدني ۽ خرچ ڏيکارڻ سان ، جواخانن ۾ معمولي جوا کيڏي باقي رقم جو چيڪ وٺي بئنڪ ۾ جمع ڪرائڻ سان، هٿ ٺوڪين ڪمپنين ۾ جعلي ملازمن کي نقد رقم ورهائڻ سان ۽ ملڪيتن جي وٺڻ ۽ وڪڻڻ سميت بيشمار ٻيا طريقا شامل آهن. هن ڪُڌي ڪاروبار ۾ حڪومتن ۽ غير سرڪاري ادارن کان سواءِ ڏوهاري حلقا به شامل آهن. جيڪي جديد ٽيڪنالاجيءَ ذريعي تمام وڏي هوشياريءَ سان پنهنجون سرگرميون جاري رکن ٿا


Remember Me Also:

ڇڙههنهچورڻ

ڄنگهه به نه چورڻ. پُڇڙي به نه چورڻ. ماٺ ۾ پيو رهڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal